چورين ۾ واڌ، پوليس ناڪام، شهرين جو احتجاج

ڪشمور)جي ايم کوسو(گڊو ۾ وڌندڙ بد امني ۽ موٽر سائيڪل چوري جي آزار خلاف شهرين جو گڊو ٿاڻي آڏو عامر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. شهرين ايس ايچ او گڊو جو پتلو ٺاهي سخت نعريبازي ڪندي چيو ته گڊو پوليس معذور بڻيل آهي جن کي پوليو جا قطرا پياريا وڃن. عامر کوسو ڳالهائيندي چيو ته هڪ مهيني کان موٽر سائيڪل چوري ٿي آهي پر پوليس روز دلاسا پئي ڏئي مظاهرين وڌيڪ چيو ته هڪ مهيني اندر ڏھ موٽر سائيڪلون چوري ٿي ويا پر پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ان مان ائين پيو لڳي ته پوليس چورن سان مليل آهي ھنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او گڊو خلاف ڪارروائي ڪري چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو