چاچڙ برادري جي ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف احتجاج

گھوٽڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي) قادرپور لڳ ڳوٺ غلام حسين چاچڙ جي رھيواسين جو ڳوٺ جي بااثرن خلاف احتجاج انصاف جو مطالبو خبر موجب قادرپور لڳ ڳوٺ غلام حسين چاچڙ جي رھيواسين ارشاد چاچڙ ڄام غلام حسين چاچڙ اختر چاچڙ صدام چاچڙ ء ٻين پنھنجي برادري جي بااثرن حاجي جيوڻ چاچڙ حاجن چاچڙ امير چاچڙ رشيد ء ٻين خلاف احتجاج ڪندي الزام ھنيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ اسان جي پنج ايڪڙن تي زمين پوکيل ڪمند جي فصل ۾ زھريلي غير ميعاري سڪائڻ واريون دوائون ڏئي تيار ٿيل ڪمند کي ساڙيو ويو آھي اسان قرض وٺي ڪمند جي فصل تي خرچ ڪيو ھو اسان کي لکين روپين جو نقصان پھچايو ويو آھي احتجاج ڪندڙ وڌيڪ چيو ته جڏھن اسان پنھنجي فصل کي پاڻي ڏيڻ وياسين ته ڳوٺ جي بااثرن پاران سرڪاري زرعي پاڻي به بند ڪري ڇڏيو ۽ اسان مٿان حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو ھنن چيو ته حد جي پوليس کي اطلاع به ڏنو سين پر پوليس فرياد به ن ورتي پر  بااثرن سان ٻٽ بڻيل آھي پوليس اسان کي فيصلو ڪرڻ لاء پريشر ڏئي رھي آھي ھنن چيو ته اسان غريب آھيون اسان جي ڪير به دانھن ٻڌڻ لاء تيار نه آھي، احتجاج ڪندڙن ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي ايس ايس پي گھوٽڪي سميت وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو