چانهن ۾ دير ڇو ٿي، مڙس زال جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار( پنوعاقل جي غريب آباد محلي جي رهواسي عبدالستار ميراڻي پنهنجي زال نالي مسمات سعيدان پاران چانھ ٺاهڻ ۾ دير ڪرڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي زال تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو. لٺيون لڳڻ سبب سندس زال جو مٿو ڦاٽي پيو، زخمي عورت کي ترت علاج لاءِ تعلقہ اسپتال پنوعاقل آندو ويو جتي ڊاڪٽرن فرسٽ ايڊ ڏئي کيس سکر اسپتال روانو ڪيو ۽ چيو ته سي ٽي اسڪين ڪرايو. زخمي عورت جي وارثن ٻڌايو ته سعيدان چانھ ٺاهڻ ۾ ٿوري دير ڪئي تہ سندس مڙس کي ڪاوڙ اچي وئي جنهن سبب لٺ کڻي زال کي بيدردي سان سخت تشدد جو نشانو بڻايو۽ مٿي ۾ لٺ لڳڻ سبب سندس مٿو ڦاٽي پيو ۽ هوءَ رتو رت ٿي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو