ڄامشورو ڊرامي جو ڊراپ سين، 6 هٿياربند ڦورو گرفتار

ڄامشورو ( ن سنڌيار)ڏينهن ڏٺي جو 6 هٿياربندن واپڊا ڪالوني جي گهر ۾ داخل ٿي ڦر جي ڪوشش ڪئي. هٿياربندن کي گهر ڌڻي اٽڪل سان هڪ ڪمري ۾ وٺي وڄي در بند ڪري ڇڏيو. ان دوران شور ۽ گوڙ تي پاڙيوارن پوليس ۽ رينجرز کي اطلاع ڪيو ٻنهي فورسز جا اهلڪار جڏهن پهتا ۽ گهر کي ڪڙو چاڙهي ڇت تي گهر ٻاهران مورچا بند ٿي ويا ته گهت ڌڻين سندن دروازو کوليو ته هٿياربندن سمورن گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائيندي محفوظ رستو ڏيڻ لاءِ چيو. پوليس ۽ رينجرز جي اٽالن کين گرفتاري ڏيڻ لاءِ چيو جنهن  بعد ٻن ڪلاڪن جي بحث بعد هٿياربندن سرينڊر ڪيو. پوليس کين گرفتار ڪري ورتو. گهر ڌڻي لياقت سومرو ميڊيا کي ٻڌاسيو ته  20 گهرڀاتين کي ٻن ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي ويو پر پوليس ۽ رينجرز وارن ڪنٽرول ڪري جان ڇڏائي. لياقت سومرو چيو ته هٿياربندن گهر ۾ ڌاڙي جي ارادي سان آيا هئا، کين هڪ ڪمري اندر بند ڪري ڇڏيو. هٿياربندن فرار ٿيڻ لاءِ رستو نه ملڻ جي صورت ۾ سڀني ڀاتين کي مارڻ جو ڌمڪيون پڻ ڏنيون، گهر مان اڳ به چوري جون وارداتون ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو