ڀڳت ڪنور رام جي 81 هين ورسي جي تقريب

جروار(رپورٽ محمد بخش گبول)امرراڳي ڀڳت ڪنوررام جي 81هين ورسي اڄ پهرين نومبر تي ملهائي پئي وڃي. مک تقريب ڀڳت ڪنوررام جي جنم آستان ۾ جاري آهي ڪيترن ئي ڏينهن کان تياريون هلندڙ هيون. سوين عقيدتمند ڀڳت ڪنوررام جي تصوير اڳيان ڏيئا ٻاري ڀيٽا ڀيش ڪندا رهيا. ڀڳتن طرفان ڪنوررام جا ڳايل ڪلام پيش ڪيا پيا وڃن. اسڪولي ٻار ڪنوررام جي زندگي تي ٽيبلو به پيش ڪيو. ڀڳت ڪنوررام جي ورسي جي تقريب ۾ پوري پاڪستان کان عقيتدتمند شريڪ آهن. ان موقعي تي سيڪورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو