ڀٽ شاھ ريڊيو پاڪستان جي عمارت خالي ڪرڻ جو حڪم

ڀٽ شاھ (ن سنڌيار) ڀٽ شاھ ۾ ثقافت کاتي پاران ريڊيو پاڪستان جي عمارت خالي ڪرائڻ جو فيصلو ، ثقافت کاتي پاران عمارت 30 ڏينهن اندر خالي ڪرڻ لاء ليٽر جاري ڪيو ويو ، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاه جي هدايتن تي عمارت خالي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو ويواڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي دور کان ريڊيو اسٽيشن ثقافت کاتي جي بلڊنگ ۾ قائم آهي، ريڊيو اسٽيشن جي عمارت خالي ڪرڻ واري حڪم بعد عملدارن پاران وفاقي وزارت سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو، اسٽيشن ڊائريڪٽر جو چوڻ آھي تھ ڪيترن ئي سالن کان ريڊيو اسٽيشن عمارت ۾ ھلي رهيو آهي، ثقافت کاتي طرفان عمارت خالي ڪرڻ لاء نوٽيس مليو آهي ، اسٽيشن ڊائريڪٽر سرفراز لغاري موجب وفاقي وزارت سان رابطو ڪري صورتحال کان آگاه ڪيو وينندو، ثقافت کاتي جو چوڻ آھي تھ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ثقافت کاتي جون عمارتون خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ريڊيو اسٽيشن ۽ حيسڪو آفيس ثقافت کاتي جي عمارت ۾ قائم ٿيل آهن، ثقافت کاتي جي عملدار غلام مجتبيٰ جوکيو صوبائي وزير سيد سردار شاه جي هدايتن تي ريڊيو اسٽيشن جي عمارت خالي ڪرائڻ لاء نوٽيس جاري ڪيو آهي، 30 ڏينهن اندر عمارتون خالي ڪرايون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو