ڀيل برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي

چيلهار(ساجد نهڙيو) ڳوٺ سورام ۾ معمولي ڳالهه تان ڀيل برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 3 عورتن ۽ هڪ ٻارڙي سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان هڪ ڌر جي هڪ عورت ناجو زال دودو، ٻارڙي حنان ڌي لڌو، لڌو ولد دودو، ڏيون شامل آهن.

ٻئي ڌر جا ٻن عورتن مڪان زال سکو، راڻي زال سانوڻ، منهندرو، نارائڻ ۽ پيارو پٽ سانوڻ زخمي ٿي پيا. جنهن کي پوليس طرفان  ليٽر ملڻ بعد چيلهار اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو