”ڀوسو ڀريل مقالا ۽ ريسرچ پيپر“ اصغر نديم سيد

مان ھڪ يونيورسٽي جو پروفيسر هئس، پنھنجي نوڪري پوري ٿيڻ تي رٽائر ڪيو ويو آھيان ـ مونکي وڏي خوشي سان فارغ ڪيو ويو آھي. ڇاڪاڻ ته جيڪو مون پڙھائڻ پئي چاھيو ، اهو مونکي پڙھائڻ نه ڏنو ويو. انتھائي ھيٺين درجي جا معمولي چاپلوس پروفيسر سدائين مونکي شڪ جي نگاھ سان ڏسندا ھئا، ساڙ ۽ خواھشن جا ماريل پروفيسر منھنجي خلاف نا اھل ۽ نالائق شاگردن کان سازشون ڪرائيندا رھندا ھئا ۽ مان اھو سڀ ڪجهھ خاموشي سان ڏسندو ۽ برداشت ڪندو رھندو ھئس. ٻاھرين يونيورسٽين ۽ ملڪن ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسن جا دعوت ناما گم ڪيا ويندا ھئا ـ مارشلائي حڪومتن ۾ مون جھڙن استادن خلاف پمفليٽ ڪڍيا ويندا ھئا ـ  خوشامد ۽ چمچاگيري ڪندڙ ھر قسم جي ترقي وٺڻ وارا “بهترين استاد ايوارڊ” به وٺندا رھيا پر پڙھائڻ جي بجاء وائس چانسلرن جا ذاتي ڪم ڪارون ڪندا رھيا ـ ترقيون حاصل ڪرڻ لاء ريسرچ جي نالي تي “بهھ ڀريل پيپر”  ڇپرائيندا رھندا ھئاـ  وڏي ڪاميابي سان ھميشه غير جمھوري حڪومتن کي اخلاقي جواز ٺاھي ڏيندا رھيا آھن ـ جابر( حڪمران) سلطان جي اڳيان ڪلمه حق جا نعرا ھڻندڙ جابر سلطان جا بوٽ چٽيندا رھياـ مان اھو سڀ ڏسندو رھيس ۽ مان سندن ترتيب ڏنل ڪتاب پڙھائڻ تي سدائين مجبور رھيس ـ يونيورسٽين جي ڪلچر ۾ علم ۽ شفافيت بدران  تعصب ساڙ تنگ نظري ۽ سازشون ٿيندي ڏسندو رھيس.  اسان انڌن ۾ ڪاڻا راجا ڪرڻ کي پنھنجي ڪاميابي سمجھندا رھياسين ـ جيڪو مان پڙھائڻ پئي چاھيو اھو نه پڙھائي سگھيس ۽ جيڪو نه پڙھائڻ پئي چاھيو اھو پڙھائڻ تي مجبور رھيس!!   اڄ مان اعتراف ڪرڻ ٿو چاھيان ته مون جيڪي شاگرد پيدا ڪيا اھي ڊاڪٽر، انجينئر، بينڪر ۽ استاد بڻيا پر انھن ۾ ڪسر رھجي وئي ان جو اندازو مونکي آھستي آھستي ٿيندو ويو،  جڏھن مان پنھنجي زخمن جي علاج لاءِ 6 ڏينھن اسپتال ۾ داخل رھيس ته 6 لک جو بِل ڏسي ھوش خطا ٿي ويا. منھنجي ھڪ شاگرد مونکي ڪن ۾ چيو ته ” سائين ھِئُ بِلُ ته توھان کي ئي ڏيڻو پوندو ڇاڪاڻ ته توھان اسان کي جيڪو پڙھايو ھو ان ۾ اھو ئي ته شامل آھي“ . وري جڏھن مان اينجو گرافي جي لاء اسپتال ۾ داخل ٿيس ته منھنجي شاگرد ڊاڪٽر منھنجي ڪن ۾ چيو ته “سائين جيڪڏھن سرڪاري علاج ڪرائڻو اٿوَ ته ٻن سالن کان پوء توھان جو وارو ايندو ۽ جيڪڏھن پنھنجي کيسي مان علاج ڪرائڻ ٿا چاھيو ته 10 منٽن ۾ توھان جو وارو اچي ويندو”. مون حيرت مان پنھنجي شاگرد ڏانھن ڏٺو ۽ شاگرد جواب ڏنو ته ”جيڪو توھان پڙھايو ان ۾ بس اھو ئي ٿي سگھي ٿو!!! ھڪ ڏينھن مان ڪنھن ڪم سانگي سيڪريٽريٽ ويس سيڪريٽري کي نالي جي پرچي موڪلي پر سيڪريٽري نه گھرايو مان به نڪ جي پڪائي ڪري ويٺو رھيس جڏھن سيڪريٽري ڪنھن ميٽنگ ۾ وڃڻ لاء ٻاھر نڪتو ته مان سندس سامھون اچي ڪم ٻڌايومانس پر سيڪريٽري چيو ته ” سائين اھو ڪم ممڪين ناھي توھان جيڪو اسان کي پڙھايو ھو ان کي وسارڻ ۾ وڏو وقت لڳو آھي وڏي مشڪل سان اُھو سڀ وساري ھن منزل تي پھتو آھيان سو مان ڪجهھ نٿو ڪري سگھان“ . ھڪ ڏينھن منھنجي گھر جي بجلي ڪئين ڪلاڪن تائين گم ھُئي سو مان بجلي جي لاء ايس ڊي او جي آفيس ويس ايس ڊي او مونکي ڏسي چيو ته “ سائين جيڪو توھان اسان کي پڙھايو ان ۾ ته توھان کي ايتري به بجلي نه ملڻ کپي“ . اڄ مونکي احساس ٿي رھيو آھي ته مون ڀڳل ٽٽل ۽ اداس نسل پيدا ڪرڻ ۾ حصو ورتو !! تنگ نظري ۽ تعصب پرستي پڙھيل لکيلن ۾ ڪھڙا رستا ٺاھيا ۽ پوءِ انتھا پسندي اسان جي سماج ۾وڏي ڪاميابي سان داخل ٿي. ڪھڙي نه طرح وڏن وڏن دانشورن ڪالم نويسن سياسي رھنمائن ۽  ڪامورن  انتھاپسندن ۽ دھشتگردن کي جواز ٺاھي ڏنا جڏھن به ڪو خودڪش حملا آور پنھنجي دل، دماغ ۽ اکين تي پٽي ٻڌندو آھي ته ان جو ذميوار مان پاڻ کي سمجھندو آھيان!!  يونيورسٽين مان فارغ التحصيل ٿيل جڏھن معصوم اقليتن ۽ مسلمانن کي سندن عبادت گاھن ۾ بارود سان اڏائيندا آھن ته ان ۾ ڪجھ حصو منھنجو به ھوندو آھي ـ اڄ مان اعتراف ڪيان ٿو ته مون کي ڇا پڙھائڻ کپندو ھو!! . منھنجي وڏي خواھش ھئي ته مان پڙھايان ته الله کي خوبصورتي پسند آھي. جماليات ڇا آھي؟ ان جو فلسفو ڇا آھي؟ جماليات جي فلسفي تي ڪئين ڪتاب موجود ھئا پر پاڻ ان طرف توجه نه ڏنو ـ جماليات کي سمجھڻ بنان اسان سبحان الله چوڻ جي پوزيشن ۾ نٿا اچي سگھون ـ مون کي اھو ڪنھن به پڙھائڻ نه ڏنو ته خوبصورتي جي تحسين ڪئين ڪبي آھي ـ ان ۾ تمام فنون لطيفه جا بحث شامل آھن ـ مان سمجهان ٿو ته جاگرافي الله کي سمجهڻ  جي ڏاڪن آهي. ھُن جون زمينون، ھُن جون موسمون، ھُن جا ٻيلا، ھُن جا دريا، ھُن جا سمنڊ ۽ انھن سمنڊن اندر موجود جيوت، ٻيلن ۾ موجود جيوتَ ـ پرند چرند ، انھن جي نسلن  انھن جي رھڻي ڪھڻي ۽ عادتن جو مطالعو ڪرڻ پئي گھريو ـ جانورن سان ڳنڍيل خراب تصورن کي ختم ڪرڻ پئي چاھيم، افسوس اھو اسان نه ڪري سگھياسين پر اھو ڪم غيرن ڪيو ـ نيشنل جيو گرافڪ چئينل کان بھتر ڪابه يونيورسٽي ناھي!!  . مون پڙھائڻ پئي گھريو ته اسان جي تاريخ ڪٿان کان شروع ٿي ٿئي ـ مان انساني تاريخ پڙھائڻ پئي چاھي مونکي اغوا شدہ پاڪستاني تاريخ پڙھائڻ تي لڳايو ويو ـ ظالم بادشاھن جا قصيدہ پڙھندڙ تاريخدانن اھا ٽيڏي سِرَ رکي ڇڏي آھي جنھن تي ڪا عمارت ٺھي به ته ان تي ضياء الحقي غلامن قبضو ڄمائي ڇڏيو!. “پپو جي قاتلن جي ڦاسي جي ميلي ۾” پڪوڙا ۽ گول گپا کپائيندڙن جي چاندي ٿي وئي ۽ انسانن کي بي حس ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو ـ مان تاريخ مسخ ڪرڻ وارن جي نشاندھي ڪرڻ پئي چاھي پر مون کي ائين ڪرڻ کان روڪيو ويو ڪن ماڻھن ته نظريه پاڪستان جي نالي تي پوري قوم کي ٺڳيو ۽ پوء ان تي مسلسل مارڪيٽنگ ڪندا رھيا جيڪا اڄ تائين جاري آھي! . مان شاگردن کي ٻڌائڻ پئي چاھيو ته اھي ڪير ماڻھون آھن جيڪي ڪنڊن پاسن مان ڪيڙن مڪوڙن وانگر نڪري نروار ٿيا آھن ـ مان شاگردن کي انھن ٺينگ ٽپا ڏيندڙن جو تعارف ڪرائڻ پئي چاھيو جن قائد اعظم کي به ٺڳيو پر مونکي روڪيو ويو ـ مان شاگردن کي ٻڌائڻ پئي چاھيو ته ايوب خان ڪيئن فيلڊ مارشل بڻيو ۽ ان جي وزيرن مشيرن ادب ۽ اديبن کي خريد ڪرڻ لاء ڪئين گماشتا مقرر ڪيا ـ اُن شاھي قلعي ۾ حسن ناصر کي ڪيئن شھيد ڪيو ويوـ ڪھڙي طرح دانشورن، سياستدانن ۽ باضمير ماڻھن کي سڄي رات جاڳائڻ لاء مختلف طريقا استعمال ڪيا وياـ  انھن جا ننھنُ ڪئين پلاس سان ڪڍيا ويا، ڪھڙي طرح انھن جي آواز کي بند ڪرڻ جا حڪم ڏنا.  ضياالحق ڪيئن اديبن، شاعرن، وڪيلن، ھارين ۽ صحافين جي اگھاڙن جسمن تي ڪوڙن سان گڏ ٽھڪندڙ گرم پاڻي هارايو ھو ـ ڪيئن اھي ماڻھون پاڳل ٿيا ۽ انھن جي گھر وارن پنھنجن کي ئي قبولڻ کان منھن موڙي ڇڏيو!!  . اداڪارہ شبنم ڪيس ۾ راتو رات ضياالحق ڦاسي جي سزا کاڌل ڏوھارين کي ڪئين معافي ڏياري، ڪير شبنم جي گھر وڃي ان کان معافي نامو وٺي آيا مان اھو سڀ ڪجھ شاگردن کي ٻڌائڻ پئي چاھيو ـ مان شاگردن کي ٻڌائڻ پئي چاھيو ته سعادت حسن منٽو جڏهن  پاڪستان آيو ته اسان هن سان ڪھڙو حشر ڪيو؟. ننڍين ڪورٽن ۾ ڪيئن ان کي ذليل ڪيو ويو ـ منٽو تي روزگار جا سڀ دروازا بند ڪيا ويا آخر ۾ 10 روپين جي مزدوري تي افسانا لکندو رھيو، منٽو کي قسطن ۾ نه پر ھڪ دم مرڻ تي مجبور ڪيو ويو.  پاڪ ٽي ھائوس ۾ منٽو کي  ڏسي قيوم نظر ۽ شھرت بخاري  ڊڄي وڃي باٿ روم ۾ ڇو لڪيا ھئا؟ بقول منٽو جي ته ان ڪڏھن به ھُنن کان اوڌر نه ورتي ھئي ـ مان منٽو جا افسانا “کھول دو”، ٺنڍا گوشت، موذيل، بابو گوپي ناٿ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، شهيد ساز ۽ ننگي آوازين، پڙھائڻ پئي چاھيم ڪورس مرتب ڪرڻ وارن مونکي روڪي ڇڏيو ۽ جن اصحاب علم و ادب روڪيو اھي ھن وقت به وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ “پروفيسر ايمريٽس” آھن ـ مان فيض جي نظم “ڍاڪا سي واپسي پر”،  پڙھائڻ پئي چاھي ۽ شاگردن کي ان مصرعي جو مطلب سمجھائڻ پئي چاھيم“خون ڪي ڌبي ڌلين گي ڪتني برسون ڪي بعد”. مان ناصر ڪاظمي جا غزل شاگردن کي پڙھائڻ پئي چاھيم جيڪي سن 1971 کان پوء لکيا ويا ھئا “وه ڪشتيان چلاني والي ڪيا هوا”. مونکي بس اھو ٻڌائڻو ھو ته ڀٽيالي ڳائڻ وارا  اسان جي طرز احساسن مان ڪئين نڪري ويا ۽ مشرقي پاڪستان جي 57 فلمون جيڪي ھتي رليز ٿيون اھي اسانجي فلم انڊسٽري کي يڪسر تبديل ڪرڻ واريون هيون ۽ اهو سفر ڪيئن رڪجي ويو. مان ٻڌائڻ چاھيو پئي ته قرت العين حيدر، وڏو غلام علي خان ۽ ساحر لڌيانوي پاڪستان ڇڏي ڇو ھليا ويا ۽ سجاد ظھير کي مچ جيل ۾ ڇو بند ڪيو ويو ـ مان گھڻو ڪجهھ پڙھائڻ چاھيان  پيو،  انتظار حسين جو “شھر افسوس” “بستي” ۽ “ھندستان سي آيا هوا خط”. مونکي پڙھائڻ نه ڏنا ويا مان امر جليل جون ڪھاڻيون ۽ شيخ اياز جا نظم پڙھائڻ پئي چاھيا ۽ اھو سڀ عالمي لٽريچر ۽ پنھنجي زبانن جو لٽريچر جنھن کي اسان پنھنجي شاگردن کان لڪايون پيا اچون اھو سڀ پڙھائڻ پئي چاھيم ـ اھڙي طرح مان ڪوتاھ قدر ٿيس ۽ منھنجا شاگرد به ـ آئينيسڪو ھڪ ڊرامو لکيو ھو ”ڪرسيون  “ ان ۾ ھڪ رٽائر آفيسر رات جي ماني تي شھر جي تمام وڏي عھدي وارن آفيسرن کي دعوت تي گھرائيندو آھي جڏھن اھي ھڪ ھڪ ٿي ايندا آھن ته اسٽيج تي خالي ڪرسيون رکيون وينديون آھن انھن ڪرسين سان ميزبان گفتگو ڪري ٻڌائيندو آھي ته صاحبو در حقيقت ته توھان صرف ڪرسيون آھيو، توھان ھن سسٽم ۾ پنھنجي سڃاڻپ گم ڪري ويٺيون آھيو ـ مان به ھڪ ڊنر تي سڀني وڏن ماڻھن کي سڏائي اھو اعتراف ڪرڻ ٿو چاھيان ته مونکي جيڪو پڙھائڻو ھو مان اھو پڙھائي نه سگھيس!!  پر منھنجو اعتراف صرف خالي ڪرسين سان ھوندو باقي سڀ آفيسر پنھنجو وجود نٿا رکن. ( اصغر نديم سيد جو هي مضمون اردو مان سنڌي ۾ حسن ڪلهوڙو ترجمو ڪيو آهي).

پهنجو تبصرو موڪليو