ريلوي جا ٻئي ٽريڪ بحال گاڏين جي اچ وڃ معمول تي اچي وئي

نوشھروفيروز/ ڀريا سٽي (رپورٽ مشتاق مري / مجيد ڪيريو) ڀريا ويجهو مال گاڏي جا 16 گاڏا پٽڙي تان لهي وڃڻ سبب پيش آيل حادثي بعد ريلوي لائن جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪندي ٻئي ٽريڪ گاڏين جي اچ وڃ لاءِ بحال ڪيا ويا آهن. پنجاب ۽ ڪراچي کان ايندڙ ريل گاڏين کي اڳ ۾ اپ ٽريڪ مان گذاريو پيو وڃي پر هاڻي ٻئي لائينون بحال آهن پر ملبو ٽريڪ جي آس پاس پيل آهي جيڪو بعد ۾ هٽايو ويندو. ريلوي جي، ڊي ايس سکر فاروق ملڪ سنڌيار کي ٻڌايو هو ته 19 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ريلوي جي اپ ٽريڪ ٽريفڪ ڪالهه رات بحال ڪئي وئي هئي ۽ شاليمار ايڪسپريس کي پڊعيدن کان لاهور لاء روانو ڪيو ويو هو. امدادي ڪارروايون رات جو به جاري رهيون ۽ اميد آهي ته شام تائين صورتحال نارمل ٿي ويندي. ان کان اڳ ڪراچي کان لاهور ويندڙ مال برادر ڪنٽينر ٽرين سان ڀرياروڊ ويجهو غازي ابراهيم شاهه ريلوي ڦاٽڪ وٽ حادثو پيش آيو هو، جنهن سبب مال گاڏي جون 16 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون هيون. حادثي سبب ريلوي جو اپ ۽ ڊائون ٽريڪ مڪمل طور بند ٿي ويا هئا ۽ ٻنهي پاسي ريل گاڏين کي مختلف اسٽيشنن تي بيهاريو ويو هو جنهن سبب هزارين مسافر پريشان هئا. حادثي بعد ڊي ايس ريلوي سکر فاروق ملڪ جاءِ واردات تي پهتو ۽ ڦاٿل مسافرن کي متبادل فراهم ڪري منزل تي پهچائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڊي ايس سکر محرابپور۽ لاکا روڊ ۾ بيٺل ٽرين مسافرن کي ويگنن ذريعي پڊعيدن منتقل ڪيو جتان ٻئي ٽرين ذريعي مسافرن کي ڪراچي موڪليو ويو هو. جڏهن ته پڊعيدن ۾ بيٺل گرين لائن جي مسافرن کي روهڙي اسٽيشن منتقل ڪري کين پنجاب روانو ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو