ڀرتين ۾ بي ضابطگين خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ استادن جي ڀرتين ۾ بي ضابطگين خلاف ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو. بدين، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، نوشهروفيروز، دادو، جوهي، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ متاثر اميدوارن احتجاجي جولس ڪڍيا. بدين ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ايڪشن ڪميٽي بدين طرفان سنڌ سرڪار پاران جوڙيل ناڪاره پاليسي خلاف الله والا چوڪ کان پريس ڪلب بدين تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ه جنهن ۾ پ ٽ الف ضلعي بدين جي صدر دُر محمد ڀرڳڙي ۽ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي جماعتن ۽ تاجر برداري جي اڳواڻن ۽ ورڪرن شرڪت ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسين سنڌ حڪومت پاران استادن جي ڀرتي لاء جوڙيل ناڪاره پاليسي کي رد ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته %45 پاليسي مڪمل طور تي ختم ڪري نوجوانن کي 40 مارڪن تي پاس ڪري سنڌ مان استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي. ضلعي بدين جي تعليم انتهائي پٺتي پيل آهي تنهنڪري سڄي ضلعي کي هارڊ ايريا ۾ شامل ڪري نوجوانن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي ريلي کي ايڪشن ڪميٽي جي صدر علي مراد، عبدالسلام خاصخيلي، نياز سيال، نور جوکيو، سيف الله سمون ۽ عبدالله مهراڻپوٽو خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو