ڀارت ۾ مذهبي وڳوڙن جو عالمي برادري نوٽيس وٺي، عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڀارت ۾ جاري مذهبي وڳوڙن تي عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته مون اقوام متحده جي جنرل اسمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواٽ چيو هو ته انڊيا ۾ ڪنهن مهل به وڳوڙ ٿي سگهن ٿا ۽ وڏي خونريزي ٿيندي. اڳ ۾ ڪشمير مان شروعات ٿي هاني 20 ڪروڙ مسلمان ٽارگٽ تي آهي. هن چيو ته جڏهن به نفرت جي بنياد تي نسل پرست گروهه حاوي ٿيندا آهن ته خونريزي ٿيندي آهي.

هن پاڪستان ۾ خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن هتي اقليتن کي ڪنهن نقصان پهچايو ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته ڀارت ۾ شهريت واري تڪراري قانون جص خلاف هلندڙ  احتجاج دوران ٽن ڏينهن م 20 ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ 200 کان مٿي  زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو