ڀارت ۾ چوٿين مرحلي ۾ 72 سيٽن لاءِ پولنگ مڪمل

نئين دلي(م ڊ) ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي 545 سيٽن لاءِ سومر کان چوٿين مرحلي جو چونڊ عمل مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ 9 رياستن جي 72 سيٽن لاءِ پولنگ ٿي. 323 اميدوار ميدان ۾ آهن، بهار، جهارکنڊ، اتر پرديش، مهاراشٽرا، اڙيسا، راجسٿان، مڌيا پرديش، بنگال ۽ والاريل ڪشمير ۾ پولنگ ٿيندي. پولنگ صبح 7 وڳي کان شام 6 وڳي مقامي وقت تائين جاري رهي. ممبئي ۾ اڪثر ادا ڪار ووٽ ڪاسٽ ڪيا. صبح سوير پريانڪا چوپڙا ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد سيلفي ٺاهي ٽوئيٽ ڪئي. انڊيا جنهن کي دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوريت سمجهو ويندو آهي، هڪ ارب 30 ڪروڙ آبادي واري هن ملڪ ۾ تقريبا 90 ڪروڙ اهل ووٽر آهن. ڀارت ۾ هلندڙ 7 مرحلن واري عام چونڊ 19 مئي تي ختم ٿيندي ۽ 23 مئي تي ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿيندي. ياد رهي ته پهرين مرحلي ۾ ڀارت جي 20 رياستن جي 91 سيٽن، ٻئي مرحلي ۾ 12 رياستن جي 95 سيٽن ۽
ٽئين مرحلي ۾ 13 رياستن ۽ 2 يونين جي 117 سيٽن لاءِ چونڊ عمل ٿيوهو. ڀارت جي 545 لوڪ سڀا جي ڪل سيٽن جي اڌ کان وڌيڪ سيٽن لاءِ چونڊ عمل اڳ ۾ ئي مڪمل ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو