ڀارت ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ثالثي رد ڪري ڇڏي

نئين دلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ڪشمير جي معاملي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريز جي ثالثي واري پيشڪش رد ڪري ڇڏي آهي.ڀارتي اخبار دي هندو موجب ڀارتي پرڏيهي کاتي جي ترجمان رويش ڪمار جو چوڻ آهي ته اصل مسئلو پاڪستان جي قبضي مان ڪشميرين کي آزاد ڪرائڻ جو آهي ۽ ڪشمير معاملي تي ٻه طرفي ڳالهه ٻولهه کانسواءِ ڪنهن ٽئين فريق جي وچ ۾ پوڻ جي گجائش ناهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گزريل ڏينهن اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس م اهڙي پيشڪش ڪئي هئي ۽ چيو هو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي فوجي ۽ زباني ڇڪتاڻ گهٽ ڪرن گهرجي ۽ جيڪڏهن ٻئي ملڪ چاهن ته سندس آفيس ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ڪنٽرول لائن تي ڇڪتان تي ڳڻتي طاهر ڪندي ٻنهي ملڪن تي مستقل مزاجي سان تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي به زور ڀريو هو. هن اهو به چيو هو ته ٻنهي ملڪن کي اقوام متحده جي فوجي مبصرن کي ڪشمير ۾ اچ وڃ جي آزادي ڏيڻ گهرجي. ياد رهي ته پاڪستان وقت بوقت کين اجازت ڏيندو آهي پر ڀارت کين اجازت نٿو ڏئي. ياد رهي ته ڀارت ان کان اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڪيل ثالثي واري آڇ به رد ڪري چڪو آهي. انتونيو گوتريز کي پاڪستاني قيادت ڪشمير جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ڊوزيئر به حوالي ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو