ڀارت وڌيڪ 43 چيني ايپليڪيشنز تي پابندي هڻي ڇڏي

بمبئي(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر چين کي ويب پابندين سان نشانو بڻايو آهي ۽ 43 ايپليڪيشنس تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي بشمول علي بابا گروپ جي ايپليڪيشن علي ايڪسپريس جنهن کي هماليا جي سرحد تي جاري ڇڪتاڻ جو ردعمل قرار ڏنو پيو وڃي. ميڊيا رپورٽن مطابق هندستاني ٽيڪنالاجي جي وزارت جو چوڻ آهي ته جن 43 چيني ايپليڪيشنن تي پابندي لڳائي وئي آهي انهن ۾ ڪجهه ڊيٽس واريون ايپليڪيشنس  شامل آهن جڏهن ته اهي سڀ ايپليڪيشنون هندستان جي سالميت ۽ خودمختياري لاءِ خطرو آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق هندستان اڳ ۾ 170  ايپليڪيشنس تي پابندي مڙهي چڪو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڀارت چيو آهي ته اهي ايپليڪيشنون صارف جو ڊيٽا گڏ ڪنديون ۽ شيئر ڪنديون آهن جيڪا رياست خلاف سازش آهي. هندستان ۾ چيني سفارتخاني هندستاني حڪومت جي اقدام جي مخالفت ڪئي آهي .پر علي بابا پاران ان حوالي سان ڪو رد عمل ظاهر ناهي ڪيو ويو.ميڊيا رپورٽن مطابق  ڀارتي حڪومت چيني ڪمپنين  کي سرحدي تڪرار جي ڪري هندستاني ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري کان روڪيو  هو

پهنجو تبصرو موڪليو