ڀارت ويسٽ انڊيز کي هارائي ڇڏيو

لنڊن(م ڊ) ڀارت ويسٽ انڊيز کي 125 رنسن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. مانچسٽر ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت جي 269 رنسن جي جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي پوري ٽيم صرف 143 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڀارتي بالر تباهه ڪن بالنگ ڪندي ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ لائن کي برباد ڪري ڇڏيو. اوپنر ايمبريس 31 رنسن سان گڏ ٽاپ اسڪور رهيو. جڏهن ته پوران 28، هٿهمير 18، ڪرس گيل 6 ۽ هوپ 5 رنسون ٺاهيون. ان کان پهرين ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڀارت جي طرفان روهيت شرما ۽ لوڪيشن راهول اننگز جي شروعات ڪئي جڏهن ته روهيت 18 رنسون ٺاهڻ بعد ڪيمار روچ جو شڪار ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪپتان ويرات ڪوهلي ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ راهول سان گڏ اسڪور کي به اڳيان وڌايو. لوڪش راهول 48، وجي شنڪر 14، ڪيدا جاديو 7 رنسون ٺاهيو. ويرات ڪوهلي اڌ سينچري مڪمل ڪندي 72 رنسون تي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته پانڊيا 46 رنسون ۽ ايم ايس ڌوني 56 رنسون تي ناٽ آئوٽ رهيو. ويسٽ انڊيز جي طرفان ڪمار روچ 3 جڏهن ته شيلڊن ڪوٽريل ۽ جيسن هولڊر 2 وڪيٽون حاصل ڪيون

پهنجو تبصرو موڪليو