ڀارت مان گادي نشين جي ساڌ ٻيلي آمد، ڀرپور استقبال

سکر(جیرام داس ) ساڌو ٻیلی جو گادي نشین سوامي غوري شنڪر مھراج، انډیا کان وايه لاھور، سکر پھتو. سکر پھچڻ تی ھندو پینچائیت ۽ سکر واسین سندس ڀرپوراستقبال ڪيو. سوامي میلی جي  تیارین جو جائزو ورتو ۽ انتظامي ڪاميٽي سان صلاح مشورا ڪيا. 3 ڏينهن وارو ميلو 17 کان 19 جون تائين جاري رهندو. میلی ۾ انډیا توڙی بلوچستان ۽ سنڌ مان وڏی انگ ۾ یاتری اچن ٿا ۽ پوڄائون ڪن ٿا. ڀڳتی گرو نانڪ جو پاٺ صاحب ۽ لنگر پرساد چالو رھی ٿو۽ مذھبی رسمون ادا ڪیون وڃن ٿیون. نسڌو درياءَ جي ٻيٽ ۾ واقع ساڌ ٻيلي جو مندر بابا بنکنڊي رام 1823 ۾ تعمير ڪرايو هو جيڪو نيپال مان سنڌ آيو هو. سندس تعلق سک ڌرم سان هو.

پهنجو تبصرو موڪليو