ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ هڪ وڌيڪ شهيد، ڊپٽي هاءِ ڪمشنر طلب

اسلام آباد (پ ر) ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول تي بنا جواز فائرنگ ڪري هڪ وڌيڪ پاڪستاني سپاهي محمد شيراز کي شهيد ڪري ڇڏيو. بٽل سيڪٽر تي هو ڊيوٽي دوران شهيد ٿيو. ڀارت پاران مسلسل خلاف ورزي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي کاتي طلب ڪري پاڪستان پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرايو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 3 پاڪستاني فوجي شهيد ٿيا هئا. جن جي نماز جنازا نيلم اسٽيڊيم ۾ جمع تي ادا ڪرڻ بعد کين دفن ڪيو ويو.

ڪنٽرول لائن تي شهيد ٿيل تنوير، تيمور ۽ رمضان جي جنازا نماز نيلم اسٽيڊيم ۾ ادا ڪئي وئي

پاڪستاني فورسز جوابي فائرنگ ۾ 5 ڀارتي فوجي ماري ڇڏيا. ڀارتي فوج اڳرائي ڪندي فائرنگ ڪئي. پاڪستان جي فوجي ترجمان جاري ڪيل ٽوئيٽ پيغام ۾ ٻڌايو آهي ته ڀارت جا ڪيترائي مورچا تباهه ٿيا آهن ۽ ڪيترائي فوجي زخمي آهن. پاڪستان جي شهيد ٿيل ٽن فوجين ۾ تنوير، تيمور ۽ رمضان شامل آهن. واضح رهي ته ڪالهه پاڪستان ڀارتي ڊپٽ هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري ڪنٽرول لائن تي بلاجواز فائرنگ و معاملو اٿاريو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو