ڀارتي حڪومت جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ کان پاسو ڪري، بلنڪن

نئين دلي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي وزير  اينٿوني بلنڪن مودي سرڪار کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت خبرادر ڪندي چيو آهي ته جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ کان پاسو ڪري. هن ڀارت جي سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀريو ته هو هندوستان جي حڪومت تي انساني حقن جي خلاف ورزين خلاف دٻاءُ وڌائين.هڪ اعليٰ آمريڪي عملدار جو هي بيان ان وقت آيو آهي جڏهن هندوستان ۾ مسلمان ۽ عيسائي اقليتن کي نشانو بنائڻ تي نريندرا مودي جي حڪومت تي دنيا ۾ سخت تنقيد ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو