ڀارتي جارحيت جاري، 2 شهري شهيد

راولپنڊي(رپورٽر) ڀارت اڳرائي کان نه مڙيو، لائين آف ڪنٽرل تي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 شهري شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته پاڪ فوج منهن ٽوڙ جواب ڏئي دشمن کي خاموش ڪرائي ڇڏيون آهي. فوج جي تعلقات عامه شعبي جي ترجمان مطابق ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول جي چڪوٺي سيڪٽرز تي شهري آبادي کي نشانو بڻايو.گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 شهري شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج پاران منهن ٽوڙ جواب کانپوءِ دشمن جون بندوقون خاموش ٿي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو