ٿر ۾ کوهه سڪي ويا 300 ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان

ٿرپارڪر(رپورٽ لياقت نهڙيو)  ننگرپارڪر تعلقي جي 12 يوسيز مان ست يوسيز ۾  کارو ۽ ٻاڙو پاڻي آهي. سخت گرمين سبب کوھ سُڪڻ سبب پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي چُڪو آهي، ستن يوسيز جي 300 کان مٿي مختلف ڳوٺن ۾ پاڻي ختم ٿيڻ سبب هزارين رهواسي سخت پريشانين جي ور چڙهيل آهن.

پاوڙياري، سيڙهيون، خاني جو وانڍيو، سانڪڙ، پاٻاسرو، ويراواھ ، ڌناگام، ڏينسي، ساڏورس، واڌڙائي، چڻيندا، سوتلائي، سنڌين جو وانڍيو، ڏيڏرائي ، هباسر، صابوسڻ، راوتي جو وانڍيو، ويڪاسر، ڀڪو تلاءُ، کاروڙو، ڊھ ، ڀاڻسر، نرياسر، سوراچند، چيتراسر، پاڙوڌرو، موريئا جو وانڍيو، ڪاڙڪي، موتياڻي، ڪنڀارڙي، چڻات ، ندي جو وانڍيو، ٻنڌو، گڊڙو، پيٿاپور، ڏانتو، ساڪري ، ڪاڙيتر، سورونڀڙو، ساڪرويرو، هرسوريو، ويراڻيو، گونگاويري، جهونڊڻ،  چونچا جوڻيجا، ومڙي، ورڻھار سمان، رڙياسر، مالسريو ميرمحمد، ٻاراچ راڄڙ، مالسريو ڀيل، گينگهاويري، جهامري، کارڙيو ڀيل، مٺڙيو ڀيل، گرامڙي چانڊيا، کيما ٻھ چانڊيا، ارڻيارو ڀيل، روهيراڙو، ڀاڪي سمان، ۽ ٻين ۾  پيئڻ جو پاڻي مڪمل ختم ٿي چڪو آهي.

مسڪين عورتون ۽ ٻارڙا تتل ڪاڙهي ۾ تپي ٽامون ٿيل واري تي پيادل پنڌ وڃي ڏورانهن ڳوٺن مان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آهن . ڪٿي پنج ڪلوميٽر ڪٿي 10 ڪلوميٽر پري پاڻي جي تلاش ۾ وڃڻ سبب رهواسين  جي ڏينهن جا پنج کان ست ڪلاڪ  لڳي وڃن ٿا. سنڌ سرڪار 300 کان مٿي ڳوٺن جي هزارين رهواسين جي بنيادي ضرورت پيئڻ جي پاڻي جي اهم مسئلي جي حل لاءِ ڪابہ سنجيدگي نه ڏيکاري آهي. سرڪار طرفان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ منظور ڪيل مختلف پروجيڪٽ بيوروڪريسي جي ڪرپشن سبب رولڙي جو شڪار آهن ۽ مڪمل ٿي نه سگهيا آهن . ان سلسلي ۾ علائقي جي رهواسين قادر سمون، لياقت سمون ، پوپٽ ڪولهي، اڪبر خاصخيلي، ڪستورو ڪولهي ، اياز ۽ ٻين علائقي جي سنگين صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سرڪار کي گهرجي ته اسانجي پيئڻ جي پاڻي جو بنيادي مسئلو ترجيحي بنيادن تي حل ڪري، انسانن ۽ مال مويشين کي بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو