ٿر ۾ ڏڪار، چارو ۽ پاڻي نه هئڻ ۽ بيمارين سبب مال مرڻ لڳو، فوري مدد جي اپيل

مٺي( رپورٽ لياقت نهڙيو) ٿرپارڪر ۾ ڏڪاري حالتون شدت اختيار ڪري ويون، چيلهار۽ ڀرپاسي ۾ چوپائي مال ۽ جنهگلي جانور بک ۽ بيمارين سبب مرڻ لڳا، گرم هوائون لڳڻ سبب جانور اڃ ۾ تڙپي تڙپي مرن پيا. چيلهار، ڀوريلو، سورام، جنهجير، ڦليو، دلن جو تڙ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ چوپايو مال بک ۾ بيمارين سبب مرڻ لڳو، ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا آهن.

مالوند ماڻهن احمد خان، کيتو ميگهواڙ ۽ ٻين ٻڌايو ته مال مختلف بيمارين سميت چارو نه هئڻ جي ڪري مري رهيو آهي. هنن ٻڌايو ته اسان جي علائقي ۾ هڪ ڪتي ٻن هفتن ۾ چار هرڻن کي ماري ڇڏيو آهي. جهنگ ۾ پاڻي به نٿو ملي جنهن ڪري اڃ وگهي به ڪافي جانور توڙي چوپايو مال مري رهيو آهي. هنن انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته مال جي وئڪسين لاء ٽيمون علائقي موڪلڻ سان گڏ مال جو چارو پڻ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو