پگهارون نه ملڻ خلاف ريلوي ملازمن جو احتجاج

روھڙي (ن سنڌيار) مسافر ريل گاڏين ۾ پاڻي ڀرڻ ۽ صفائي ڪندڙ ڪانٽريڪٽ ملازمن پاران پنج ڏينهن کانپوءِ ھڪ دفعو ٻيهر ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي. ملڪ کان روھڙي اسٽيشن پھچندڙ مسافر ٽرينن اندر پاڻي ڀرڻ ۽ صفائي جو عمل معطل ڪري ڇڏيو ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي روھڙي اسٽيشن جي پليٽ فارم نمبر 3 ۽ 4 تي ريلوي انتظاميا سکر ڊويزن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي شديد نعريبازي ڪئي، مظاھرين جي قيادت ڪندي نادر علي ڦلپوٽو، ذاڪر علي مغل، انيل ڪمار، وقار حسين ۽ ٻين الزام لڳايو ته 72 ملازم گذريل ٽن مهينن کان پگهار کان محروم آهن ھوڏانھن ريلوي انتظاميا جي توجه نه ھجڻ جي ڪري انهن کي مستقل نه پيو ڪيو وڃي جڏهن ته پنج ڏينهن پھريان ملازمن پاران ڪم ڇڏ هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ آفيسرن پاران ملازمن جون رھيل پگهارون ملڻ جو واعدو ڪيو ويو هو جنهن تي اڄ ڏينهن تائين عمل ناهي ٿي سگهيو مظاھرين پاران ريلوي جي وفاقي وزير، جي ايم ريلوي، ڊي ايس سکر کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ملازمن جون رھيل پگهارون کين فوري طور فراهم ڪيون وڃن ۽ تمام ملازمن کي مستقل ڪيو وڃي جنهن کانپوءِ ريلوي جي ذميوار آفيسرن پاران مظاھرين سان ڳالھيون ڪيري کين مطالبن جي حل جو يقين ڏياريو جنهن کانپوءِ مظاهرين پاران ڪم ڇڏ هڙتال ختم ڪئي وئي ھوڏانھن 3 ڪلاڪ جاري رھيل ڪم ڇڏ هڙتال جي ڪري ڪيترين ئي ٽرينن کي پاڻي نه ڀرجڻ سان گڏوگڏ صفائي نه ٿيڻ باوجود روھڙي جنڪشن ڇڏڻو پيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو