پگهارون آن لائن ڪريو، ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا

نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ) ٻيلي کاتي ۽ بلديات کاتي جي ملازمن پگهارون آن لائن ڪرن ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا. آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي نوشهروفيروز ۾ بلدياتي ملازمن پاران پگهارون آن لائن نه ٿيڻ ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي ضلعي صدر شڪيل احمد وسطڙو، نويد احمد تڳر، راجا ڪشن، مولا بخش شيخ، پير اشرف، زيد احمد جتوئي، علي اڪبر سومرو، محمد اقبال راڄپر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بلدياتي کاتي جا ملازم پگهارون آن لائين نه ٿيڻ ڪري وڏي عرصي کان سراپا احتجاج بڻيل آهن پر سنڌ حڪومت ڪوڙا دلاسا ۽ واعدا ڪري اسان سان ناجائزيون جاري رکندي پئي اچي. هنن چيو ته ٻين کاتن جي ملازمن جا پروموشن ڪيا وڃن ٿا پر ضلع ڪائونسل جي سينيئر ملازمن سميت بيلدار، پٽيوالا ۽ مالهين کي به اب گريڊ نه ٿو ڪيو وڃي نه ئي سينيئر آفيسر جا پروموشن ڪيا وڃن ٿا جيڪا پڻ سراسر زيادتي آهي. ملازمن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طوري اسان جون پگهارون آن لائن ڪري ٻيا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ 17 نومبر تي ڪراچي ۾ رکيل ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. ٻئي پاسي ٻيلي کاتي جي ملازمن طرفان ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ، ٽائيم اسڪيل، وردي، پگهارون آن لائين نه ٿيڻ ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

Forest department employees protest, Photo Sindhyar

ان موقعي تي ضلعي صدر موريل خان سولنگي، شهمير خان مري، عبدالرشيد، طارق، ثناءُ الله وسطڙو ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ٽن مهينن کان پگهارون نه ٿيڻ ڪري بکون ڪاٽي رهيا آهيون جڏهن ته دڪاندار سودو سامان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. هنن چيو ته پنجاب صوبي جي ملازمن جون پگهارون آن لائين ٿيڻ سان گڏ انهن کي ٽائيم اسڪيل پڻ ڏنو ويو آهي پر سنڌ جي ملازمن سان ناانصافيون جاري آهن جڏهن ته اسان کي هن مهل تائين نه وردي ڏني وئي آهي نه ئي وري هٿيار ڏنا ويا آهن. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته خدارا اسان جون پگهارون جاري ڪريو، پنجاب جي ملازمن جي برابر ٽائيم اسيڪل، سن ڪوٽا، وردي ۽ هٿيار ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو