پگهارن مان ڪٽوتي خلاف استادن جو احتجاج

نوابشاهه(رپورٽ: اي ڪي ڏاھري)پ ٽ الف شهيد بينظير آباد جي سڪرنڊ قاضي احمد  دوڙ ۽ نوابشاهه جي سوين استادن  پگهارن مان ناجائز ڪٽوتي ڪرڻ خلاف سوين استادن مين پرائمري اسڪول کان ڊائريڪٽر اسڪول آفيس سامهون احتجاج ڪرڻ کانپوءِ ڊي سي چوڪ تي  امداد خاصخيلي اشرف بروهي الهڏنو جمالي غلام فاروق ڏاهري مولا داد ڳاهو صديق رند شهمير بگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي م ڌرڻو هنيو جنهن جي ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي مظاهرو ڪندڙ استادن چيو ته 2017 ۾ تعليم کاتي ۽ فنانس کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب اسان کي ڏيڍ لک روپيه انٽرينڊ انڪريمينٽ جا ڏنا بعد ۾ استادن کي نيب جون ڌمڪيون ڏئي اسان کان ناجائز پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي ويئي ۽ سڀ پيسا استاد برادري ڏئي چڪي آهي جڏهن ته ٽريزري جي ان وقت جي آفيسر ۽ تعليم کاتي جي پٽيوالن ۽ چوڪيدارن کي به بل ڪري ڏنا جن گمنام ملازمن جو انگ 1,300   آهي هنن چيو ته اسان پگهارن مان ناجائز ڪٽوتي ڪنهن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏينداسون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو