پگهاردار طبقي کي 6 لک تائين ٽيڪس جي ڇوٽ، نوٽيفڪيشن

اسلام آباد(اياز مهر) فيڊرل بورڊ آف روينيو يعني ايف بي آر پهرين جولاءِ کان شروع ٿيل نئين مالي سال ۾ پگهاردار طبقي، ڪرائي جي آمدن ۽ جائيداد تي وڌايل ٽيڪس بابت وضاحتي سرڪيولر جاري ڪيو آهي. جنهن موجب 6 لک روپيا سالاني آمدن تي ڪا به ٽيڪس ناهي يعني جيڪو ماهوار 50 هزار روپيا ڪمائيندڙ انڪم ٽيڪس کان آجو هوندو. ڪرائي جي 2 لک آمدن تي به انڪم ٽيڪس لاڳو ناهي. جڏهن ته 50 هزار کان گهٽ ماليت واري جائيداد پڻ ڪيپيٽل گين ٽيڪس يعني سي جي ٽي کان آجي قرار ڏني وئي آهي. وضاحت موجب پگهاردار طبقي وارا 6 لک کان 12 لک ماهورا آمدن واري کي 6 لک جي ڇوٽ ڪٽي باقي واڌو 6 لک تي 5 سيڪڙو انڪم ٽيڪس ادا ڪرڻي پوندي. يعني سال م 12 لک پگهار وارو 30 هزار سال ۾ ٽيڪس ڏيندو. اهڙي طرح 12 لک کان 18 لک سالياني آمدن وارو 10 سيڪڙو، 18 کان 25 لک وارو 15 سيڪڙو، 25 کان 35 لک تي 17 سيڪڙو، 35 کان 50 لک تي 20 سيڪڙو، 50 کان 80 لک تي ساڍا ٻاويهه سيڪڙو، 80 لک کان هڪ ڪروڙ 20 لک تي 25 سيڪڙو، هڪ ڪرپڙ 20 لک کان 3 ڪروڙ تي 27 سيڪڙو، 3 کان 5 ڪروڙ آمدن تي 30 سيڪڙو، 5 کان ساڍا ست ڪروڙ تي 32 سيڪڙو ۽ ساڍا ست ڪروڙ کان مٿي سالياني آمدن تي 35 سيڪڙو انڪم ٽيڪس لاڳو آهي. ايف بي آر جي ڪالهه جاري ڪيل وضاحتي سرڪيولر پڙهو، هتي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو