پي ڊي ايم جي اڄوڪي اجلاس ۾ استعيفائن جي اعلان جو امڪان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم جو اهم ا جلاس اڄ ٿيندو. اجلاس پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ ٿيندو جنهن ۾ مستقبل جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويندا.ذميوار ذريعن موجب وفاقي ڪابينه جو به اهم اجلاس اڄ گادي واري شهر ۾ منعقد ٿيندو جنهن ۾ اپوزيشن کان سياسي ميدان ۾ منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.رپورٽ موجب پي ڊي ايم  جو اهم اجلاس ٻنپهرن جو 2 وڳي منعقد ٿيندڙ اعليءِ سطحي اجلاس جي صدارت سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪندو. اجلاس ۾ پي ڊي ايم ۾ شرڪت ڪندڙ پارٽين جا اڳواڻ به شرڪت ڪندا.ان حوالي سان ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ميان نوازشريف ۽ آصف علي زرداري وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪندا. اجلاس ۾(ن) ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز به شرڪت ڪندي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي به شرڪت جو امڪان آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي ڪورونا ٽيسٽ پورٽ ناڪاري اچي وئي آهي.ان کان علاوه هو ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ قرنطينه ۾ هو. ذريعن ٻڌايو آهي ته متحده  اپوزيشن جي سربراهي اجلاس ۾ اسيمبلين کان استعيفيٰ لانگ مارچ، ڦيٿو جام يا ٻيهر لاڪ ڊائون ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.ذريعن موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾  پي ڊي ايم جي اهتمام هيٺ 13 ڊسمبر تي جلسي عام جي حوالي سان صلاح مشورو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي مستقبل جو لائحه عمل به طئي ڪيو ويندو. 

پهنجو تبصرو موڪليو