پي پي خلاف چونڊون گڏجي وڙهنداسين، سومرو/ مهر

خانپور مھر (ن سنڌيار) گوهر پئلس ۾ پ پ مخالف سياستدانن جي اهم اجلاس دوران بلدياتي ۽ مڪاني چونڊون گڏجي وڙهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ علي گوهر خان مهر ، راشد محمود سومرو، غوث بخش مهر، معظم عباسي ۽ شهريار خان شرڪت ڪئي، پ پ جو ناراض ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مهر، اصغر شاهه، حاجي خان مهر، مولانا اسحاق لغاري ۽ مير چاڪر خان بوزدار به شريڪ هئا.

Photo Sindhyar

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود سومرو ۽ علي گوهر خان چيو ته 10 ضلعن ۾ پ پ خلاف لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جهڙا غير جماعتي اتحاد ٺاهيا ويندا، ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ واسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، سنڌ جو عوام متبادل قوت لاءِ اپوزيشن ڏانهن واجهائي رهيو آهي، اجلاس ۾ اتفاق ٿيو ته پ پ مخالف اڳواڻ سنڌ جي مسئلن لاءِ گڏيل جدوجهد ڪندا، سنڌ کي واڳن جي وات مان ڪڍي مظلومن کي حق ڏياريو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو