پي پي اڳواڻ ملڪ شاهان خان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

اٽڪ (ويب ڊيسڪ) ملڪ شاهان حاڪمين خان جون آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد کيس شيباغ ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي اڳوڻ کي اربع تي دوست جي جنازي ۾ شرڪت دورن قتل ڪيو ويو هو. سندس والد ملڪ حاڪمين خان شهيد ڀٽو جو پراڻو ساٿي هو ۽ اٽڪ مان ٽي ڀيرا ايم اين اي چونڊيو ۽ پنجاب ۾ وزير به رهيو. سندس پٽ به ايم پي اي چونڊيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته کيس 19 سالن جو نوجوان گولي هڻي فرار ٿي ويو هو جنهنکي گرفتار ڪيو ويو آهي. ملڪ شاهان کي اٽڪ اسپتال نيو ويو جتان کيس راولپنڊي منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. ڌرين ۾ پراپرٽي تان جهيڙو هلندڙ هو. اڳوڻي صد ر آصف علي زرداري ۽ پي پي چيرمين بلاول ڀٽو سندس قتل مذمت ڪندي چيو آهي ته سندن قربانيون ياد رکيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو