پي پي اڳواڻ جي پٽ جو پراسرار نموني گولي لڳل لاش هٿ

کپرو)رپورٽ خادم سروري) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد اميرعلي شاھ جي نوجوان پُٽ جو پراسرار نموني گولي لڳل لاش مليو آهي. ٽنڊو مٺا خان جي معزز شخصيت ۽ پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻ سيد امير علي شاهه لڪياري جي نوجوان پٽ امير حيدر شاهه جو ٽنڊوآدم ۾ پنهنجي ذاتي فليٽ مان گولي لڳل لاش مليو آهي. جنهن کي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. بظاهر خودڪشي لڳي ٿي پر پوليس جو چوڻ آهي ته قتل جي سبب بابت تحقيات کان پوءِ ئي خبر پوندي.

پي پي اڳواڻ جي پٽ جو پراسرار نموني گولي لڳل لاش هٿ” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو