پي پي، جي ڊي اي جي اهم وڪٽ حاصل ڪري ورتي

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)سنڌ م مڪاني چونڊن لاءِ جوڙ توڙ جاري آهي ۽ پيپلزپارٽي جي ڊي اي جي اهم وڪٽ حاصل ڪري ورتي. مشوري برادري جو چڱو مڙس نصرالله مشوري ضياالحسن لنجار جي موجودگي ۾ پي پي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. گذريل رات تائين هلندڙ تقريب ۾ هن اهڙو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ممتاز چانڊيو به موجود هو. پي پي اڳواڻن خطاب ڪند ي چيو ته پي پي انتقامي سياست نه پر خدمت ۾ يقين رکي ٿي. جيڪو ڊليور نه ڪندو، عوام ان کي رد ڪندو. اڳوڻي صوبائي وزير۽ ڊويزنل صدر شھيد بينظير آباد ضياء الحسن لنجار چيو ته اسان روايتي سياست کان ھٽي ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا ۽ جيڪڏھن منتخب نمائندا جاگيرداري انداز اختيار ڪيو ته اھو ناڪام ٿي ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو