پي ٽي آءِ عوامي خدمت واري منشور تي عمل ڪري پئي، جتوئي

سکر( جئيرام داس )پاڪستان تحريڪ انصاف اتر سنڌ سکر ريجن جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي چيو آهي ته پي ٽي آءِ سکر ۾ عوام کي خدمتون فراهم ڪري رهي آهي.  پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وزير اعظم عمران خان جي ويزن پارٽي منشور ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان ، پي ٽي آءِ سکر جي ٽيم عوام جي بنيادي حقن لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.  جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ٽيم پارٽي منشور کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. عوامي شڪايتن تي  يونين ڪائونسل 2 لوڪل بورڊ  سکر ۾ مڪي شاھ بادشاھ درگاه جي ويجھو   100 ڪي وي ٽرانسفارمر  لڳايو ويو آهي يونين ڪائونسل مياني روڊ ايس ايم اي اسڪول سکر ۾ 200 ڪلو واٽ جو ٽرانسفارمر لڳايو ويو آهي .  هن و ڌيڪ چيو ته هو سکر جي عوام سان گڏ  آهي ۽  عام ماڻهن جي بنيادي حقن لاءِ جدوجھد  جاري رھندي.  وزير اعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير مخدوم شاھ محمود قريشي جو مشن ۽ انھن جو پيغام کي سنڌ جي هر گهٽي ۽ گهر تائين پهچائڻ  لاءِ سخت محنت ڪندو رھندو.  پيپلزپارٽي جي غلط پاليسين سبب عوام ڏکيائين جو شڪار آهي.  پيپلز پارٽي عوام کي ڪا به سهولت نه ڏني آهي.  اھي هو صرف ڪرپشن ڪرڻ ڄاڻن ۽ هو هر وقت ان سوچ ۾ آهن  ته ڪرپشن ڪيئن ڪجي.  پي ٽي آءِ حڪومت عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي.  پاڪستان پهريان کان ھاڻي وڌيڪ طاقتور ملڪ آهي ۽ ان جي معيشت تيزيءَ بهتر ٿي  رهي آهي.  انشاءَ الله اھو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان ٻين ملڪن کان اڳ ڀرو هوندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو