پي ايس ايل جو ميلو اڄ کان شروع

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ سڪس جو ميلو اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، سمورن رانديگرن کي ويزا جاري ڪيا ويا آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب اڄ لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ميچ سان پي ايس ايل سڪس جي ٻيهر شروعات ٿيندي، جڏهن ته فائنل 24 جون تي کيڏيو ويندو. ابوظهبي انتظاميا، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ توڙي فرنچائزز رانديگرن کي آگاهه ڪيو آهي ته ابوظهبي ۾ گرمي پد وڌيڪ هجڻ جي ڪري غير ضروري پريڪٽس کان پاسو ڪن. پي سي بي موجب ڪواليفائر ۽ هڪ ايليمنيٽر سميت 6 ڊبل هيڊز(هڪ ڏينهن ۾ 2 ميچ) کيڏيون وينديون، ميچز پاڪستاني وقت موجب رات 9 وڳي شروع ٿينديون، جڏهن ته ڊبل هيڊز واري ڏينهن پهرين ميچ شام ڇهين وڳي ۽ ٻي رات 11هين وڳي شروع ٿيندي. هوڏانهن ڪراچي ڪنگز، پشاور زلمي، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز، لاهور قلندرز، ملتان سلطانز جي ڪپتانز جو چوڻ آهي ته ايونٽ ٻيهر شروع ٿيڻ تي خوشي آهي، ابوظهبي ۾ سخت گرمي باوجود بهترين پرفارمنس لاءِ تيار آهيون، جڏهن ته پنهنجي ٽيمن ۾ شامل رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪندا رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو