پي ايس ايل فور جو فائنل ڪوئٽا گليڊيئٽرز کٽي وئي پشاور کي 8 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) فور ، جو فائنل ميچ  نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ٿيو. پشاور اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 8 رانديگر آئوٽ تي  138 رنسون ٺاهي سگهي. ڪوئٽا گليڊييئٽرز  ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. حالانڪه ماهرن جو چوڻ هو ته پهرين بيٽنگ ڪرڻ واري ٽيم فائدي ۾ رهندي. پشاور زلمي جي بيٽنگ شروعات کان ئي بحران جو شڪار رهي، ڪو به رانديگر ڄمي نه کيڏي سگهيو. احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل آسان ڪيچ ڊراپ ڪيا پر ان جو به پشاور زلمي وارا فائدو نه وٺي سگهيا. عمر امين 38 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪوئٽا جي اننگ شروع ٿي ته احمد شهزاد ناممڪن سنگل وٺڻ جي چڪر ۾ واٽسن کي رن آئوٽ ڪرايو. جيڪو 6 بالن تي 7 رنسون ٺاهي سگهيو. ڪوئٽا پشاور کي اٺن وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل کٽي وئي. احمد شهزاد جي ففٽي، شهزاد ۽ روسو جي فيصله ڪن پارٽنر شپ پشاور جا خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيا. ميچ ختم ٿيڻ سان ئي آتش بازي شروع ٿي وئي. فاتح ٽيم ڀرپور خوشي ملهائي، پشاور زلمي ۽ سندن حامي سخت مايوس ڪيترن جا ڳوڙها ڳڙي پيا. ڪوئٽا جي جيت جي پيڙهه جو پٿر ڪوئٽا جي نوجوان بالر حسنين رکيو. ميچ کان اڳ ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ صدر پاڪستان عارف علوي، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعلي سيد مراد علي شاهه، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، ميجر جنرل آصف غفور ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سڀني هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪري نيوزيلينڊ واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئرن سان اٿي بيهي همدردي جو اظهار ڪيو. جنهن بعد ابرارالحق نچ پنجابڻ/ مجاجڻ گيت ڳائي تماشائن کي جهومائي ڇڏيو. عائمه بيگ، فواد خان ۽ علي عظمت به گيت ڳايا. مشهور فٽبالر ڪارليس پيوول به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن موقعي تي سيڪورٽي به سخت ڪئي وئي . هن ميگا ايونٽ ۾ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي جو مقابلو آهي. ٻئي ٽيمون ٽرافي کٽڻ لاء پراميد آهن، ڪرڪٽ ماهرن جو چوڻ آهي ته هي هڪ هاء اسڪورنگ ميچ هوندو. شائقين به آخري دنگل لاء پرجوش آهن. آچر تي موڪل سبب 28 هزار کان وڌيڪ تماشائي آيا.

پهنجو تبصرو موڪليو