پيپلز پارٽي پي ڊي ايم ۾ ڪڏهن به واپس نه ويندي،بلاول

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عجيب صورتحال آهي، اسان جي عهديدارن پي ڊي ايم تان استعيفائون ڏنيون، اسان ڪڏهن به اتحاد ۾ واپسي جي خواهش جو اظهار ناهي ڪيو، اسان کان واپس وڃن جي ڳالهه ڇو پئي ڪئي وڃي  اسلام اباد ۾ صحافي اسد طور سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسان پي ڊي ايم گپ شپ لاءِ نه ٺاهيو هو، جيڪو ايڪشن پلان پي ڊي ايم ٺاهيو جيستائين اهو واضع ناهي تيستائين پ پ واپس نه ايندي. صحافي اسد طور مٿان تشدد واري واقعي بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسد طور تي حملو بزدلي آهي، وزير اعظم کي اهڙن واقعن تي شرمنده هجڻ گهرجي، قومي اسيمبلي جي انساني حقن واري ڪميٽي واقعي جو نوٽيس وٺي ۽ ادارن کان مدد جي درخواست ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو