پينو فقيرن خلاف ڪريڪ ڊائون 84 گرفتار، تنيو کي پٽون

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ ) ضلعي شھيد بينظيرآباد جي مختلف شھرن نواب شاھ ,ڄام صاحب ,دوڙ ,ٻانڌي ,شاهپور جهانيان ,دولتپور ,قاضي احمد ۽ سڪرنڊ سميت ٻين  شھرن توڙي ٻھراڙين سان تعلق رکندڙ علائقن جي پوليس ٿاڻن تي ایس ایس پي تنویر حسین تنیو جي حڪم تي پينو فقيرن خلاف ڪریڪ ڊائون جاري آهي.15 ڏينهن ۾ دوران84 فقيرگرفتار ڪيا ويا آهن. پينو فقيرن ميرل ڪلهوڙو ,فقير سونو باگڙي , فقير ممتاز شيخ, فقير محمد بوٽا ,فقير منٽري, مسمات سائرا ,مسمات بصرا سميت ٻين کي گداگري ذريعي منشيات وڪرو ڪرڻ جي شق ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطي ڪرڻ تي پوليس ترجمان شھيد بينظير آباد محمد ياسين  سولنگي  ٻڌايو ته  آء جي سنڌ جي حڪمن تحت اهڙي ڪاروائي شروع ڪئي آھي، پنڻ شرعي طور گناھ آھي اڪثر فقير سماجي براين ۾ ملوث آھن پنڻ جي بهاني منشيات جو ڪاربار ڪن ٿا. واضع رهي ته شاهپورجهانيان مان  گرفتار ڪيل  گداگري جي الزام هيٺ ھڪ فقير ميرل ڪلهوڙي کي دولتپورپوليس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري دعوا ڪئي  هئي ته سندس وٽان هڪ لک 83 هزار رپيا روڪ هٿ آيا هئا. هوڏانهن گداگري جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل فقيرن جو چوڻ آھي ته چوري ڪري ٻچا پالڻ کان خدا واسطي خيرات وٺڻ بهتر آهي ۽ پوليس ته هاڻي پنڻ به نٿي ڏئي، خداتنيو مان جان ڇڏائي. گداگري ايڪٽ تحت  گرفتار ڪيل اڪثر پينو فقيرن  کي مقامي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو آھي جتي 28 پينو فقيرن کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو اڪثر فقيرن وٽ پنهنجو وڪيل ڪرڻ لاء فيس جا پئسا به نه هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو