پوليو مهم ۾ سهڪار نه ڪندڙ اين جي اوز جون آفيسون سيل ڪرڻ جو حڪم

سکر (امداد علي ڪلوڙ) ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر پوليو مهم ۾ ليڊي ورڪرز جي وڏي پيماني تي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي آبادي ڀلائي ۽ سوشل ويلفيئر کاتن کان فيميل اسٽاف جون لسٽون گهري ورتيون آهن ۽ ضلعن ۾ مهم دوران سهڪار نه ڪندڙ اين جي اوز جون آفيسون سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن اهڙيون هدايتون پنهنجي آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جوڙيل ڊويزنل ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون، جنهن ۾ نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (NEOC) فار پوليو اسلام آباد جي اين-اسٽاپ آفيسر برگيڊيئر (ر) ڪمال الدين سميت خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي جي ڊپٽي ڪمشنرن، ڊي ايڇ اوز، ڊبليو ايڇ او ۽ يونيسيف جي نمائندن سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ ٽاسڪ فورس ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٽاسڪ فورس ڪوآرڊينيٽر غلام اڪبر گهانگهرو بريفنگ ۾ ٻڌايو ته نومبر 2019ع ۾ به ماڪا اسٽيشن تان ورتل پوليو جو انوائرمينٽل سيمپل پازيٽو آيو آهي، جڏهن ته فيميل اسٽاف جي کوٽ ۽ ٻيا اشوز سامهون اچي رهيا آهن اهڙي ريت NEAP انڊيڪيٽرز تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر سکر ۽ ڀرپاسي ۾ پوليو وائرس موجود هئڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته 16 ڊسمبر کان 21 ڊسمبر 2019ع تائين شروع ٿيندڙ ايندڙ پوليو جي قومي مهم لاءِ ڀرپور تياري ڪرڻي پوندي ۽ جنگي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي، ته جيئن پوليو مهم کي ڪامياب بڻائي قوم جي مستقبل کي معذور ٿيڻ کان بچائي سگهجي. هن گهوٽڪي ضلعي ۾ يو سي ايم اوز جي کوٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڊاڪٽرن جو بيماريءَ جو بهانو نه ٻڌو وڃي، يو سي ايم اوز جي کوٽ هر حال ۾ پوري ڪئي وڃي، ڪو ڊاڪٽر فيلڊ ۾ نه ٿو وڃي سگهي ته اُن کي تجربيڪار ٽيڪنيشن ڏنو وڃي، جڏهن ته عورتن جي شرڪت کانسواءِ پوليو مهم هرگز ڪامياب نه ٿي سگهندي. ڪمشنر سکر چيو ته سنڌ باجوڙ يا افغانستان ناهي جو پهچ نه ٿي سگهي، هتي تعليم يافته ماحول آهي 16 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ مهم ۾ غلطيءَ جي گنجائش نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته ٻارڙن جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ تي نه پر يوسيز جي مڪمل ڪوريج ٿيڻ تي زور هئڻ گهرجي مسنگ ۽ اين اي جو بهانو نه هلندو. ڪمشنر سکر ڊويزن هدايت ڪئي ته اين-5 موٽروي جي روهڙي ۽ گهوٽڪي انٽرچينج تي ٽرانزٽ پوائنٽس وڌايون وڃن، جڏهن ته دوائن ۽ وسيلن لاءِ لکپڙهه ڪئي وڃي. ڪمشنر سکر ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر پاپوليشن ويلفيئر کي هدايت ڪئي ته فيميل اسٽاف جي مڪمل لسٽ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن انهن کي ايندڙ پوليو مهم ۾ شامل ڪرائي عورتن جي کوٽ پوري ڪري سگهجي تڏهن ئي مهم ڪامياب ٿي سگهندي. اجلاس ۾ 30 نومبر 2019ع تي پوري ٿيل ٽائيفائيڊ کان بچاءَ جا ٽُڪا هڻڻ واري مهم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، جنهن تي ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر ٽيمن جي ڪم جي ساراهه ڪئي ۽ کين واڌايون پڻ ڏنيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو