پوليو خلاف ريلي، بهتر ڪارڪردگي وارن لاءِ انعام ۽ تحفا

ٻيلو شھر(شعيب الرحمان ميمڻ)ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس سجاول ۾ گذريل پوليو مهم ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرن کي ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ ۽ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر سجاول ڊاڪٽر شھناز خواجه طرفان ڪيش انعام ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا۔تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سجاول چيو ته پوليو ورڪر ئي آهن جن جي محنتن ۽ ڪاوشن سان پوليو جهڙي موذي مرض تي ضابطو آيو جيڪي گرمي ۽ سردي ۾ گهر گهر وڃي اسان جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارين ٿا آئون کين سلام پيش ڪريان ٿو۔ان موقعي تي ڊي۔ايڇ۔او سجاول چيو ته انشاءالله اهو ڏينهن پري ڪونهي جنهن ڏينهن پوليو جي بيماري جو خاتمو سجاول ۽ پوري پاڪستان مان ٿيندو۔پوليو جي روڪٿام بابت پروگرام جي ضلعي سجاول جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر انور احمد ميمڻ ٻڌايو ته پوليو جي ايندڙ قومي مهم جيڪا 21 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندي جنهن لاء ضلعي سجاول ۾ 47 فڪسڊ ٽيمون 23 ٽرانزٽ ٽيمون ۽ 508 موبائيل ٽيمون جوڙيون ويون آھن،جيڪي گهر گهر وڃي پنجن سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديو۔هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ مهم ۾ ضلعي جي 168379 ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا۔ان موقعي تي يونسيف جو عرفان احمد مهر ڊبليو ۔ايڇ۔او جو ڊاڪٽر تيمور ڪياني ڊاڪٽر مرتضئ مقبول کنڀاٽي اين۔آر۔ايس۔پي جي مير مرڪ  واڍو،مسعود پليپوٽو يو۔سي۔فوڪل پرسن ٻيلو عبدالرزاق سهتو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔ تقريب کان بعد ڊپٽي ڪمشنر سجاول ۽ ڊي۔ايڇ۔او سجاول جي اڳواڻي ۾ پوليو جي ايندڙ قومي مهم بابت جاڳرتا ريلي ڊي۔ايڇ۔او آفيس سجاول کان سول اسپتال سجاول تائين ڪڍي ويئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو