پوليس ۾ مقامي سياستدانن جي مداخلت، عوام لاءِ آزار

جيڪب آباد (رپورٽر)سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت جي عروج عوام کي آزار ۾ وجهي ڇڏيو آھي ساستدانن جي حڪم تي مقرر ٿيل پوليس عملدار عوام کان ڀتو اوڳاڙڻ لڳا هڪ هفتو پهريان دوڪاندارن کان مبينا طور ڀتو اوڳاڙڻ جي شڪايتن تي سٽي ٿاڻي جي وڏي منشي فيروز مڱريو کي ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي معطل ڪيو هو گذريل ڏينهن جيڪب آباد شھر جي بااثر شخصيت ايس ايس پي آفيس ۾ ويهي ساڳي پوليس اهلڪار کي وڏو منشي مقرر ڪرائي ڇڏيو آھي شھر جي سماجي اڳواڻن پاران گهري جو ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي ته جيڪب آباد پوليس ۾ سياسي مداخلت تي مقرريون ٿيڻ سبب عوام آزار ۾ آھي هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان گهر ڪندي چيو ته سپاهي کي منشي جي چارج ڏيڻ ھڪ ته غير قانوني آھي ٻيو ته معطل ٿي وري ٻيهر مقرر ٿيل منشي مان شھر جا دوڪاندار بيزار آھن نوٽيس ورتو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو