پوليس، شهري،سول سوسائٽي ۽ صحافي به ميدان ۾ نڪري پيا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي هفتو گذري ويو آهي ۽ هن مهل تائين حڪومت غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي امداد جو اهتمام ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ معاشري ۾ ڪجهه مخير فرد ۽ ادارا سرگرم ٿيا آهن جن کي ڏسي پوليس وارن ۽ صحافين به ڪوشش ڪئي آهي.***سـنڌڙي مان بشير شاهه موجب لاڪ ڊائون جي ڪري متاثر ٿيندڙ ڏهاڙيدار ۽ غريب ماڻهن جي مدد لاءِ پوليس اهلڪار مثال قائم ڪري ڇڏيو. سنڌڙي ٿاڻي جي اي ايس آءِ حنيف شر پنھنجي پگھار ۽ سرندي وارن جي مدد سان ھنگورنو جي 60 خاندانن ۾ راشن ورھايو.

هن صحافين کي ٻڌايو ته قوم تي مشڪل گھڙي ھلي رھي آھي ان ڪري اسان ھڙا وڙان ڪري 60 پورھيت خاندان جيڪي مزدوري بند ٿيڻ ڪري پريشان ھئا انھن کي بغير مذھبي فرق جي راشن ڏنو آھي، پوليس کي ماڻھو ھميشه نفرت جي نظر سان ڏسن ٿا پر پوليس ۾ به انسانيت آھي، ھن چيو ته مشڪل وقت ۾ سرندي وارن کي اڳتي اچڻ گھرجي.***بوزداروڏا مان حسين ٽانوري موجب صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران بوزداروڏا شهر جي سرندي وارن ۽ شهرين جي سهڪار سان پهرين مرحلي ۾ 30 گهرن ۾ راشن پهچايو ويو ان موقعي تي سول سوسائٽي اڳواڻ سيد صالح محمد شاهه ۽ صحافي اڳواڻ صفدر پنهيار ۽ ٻين چيو ته اسين پريس ڪلب ۽ سول سوسائٽي جي پليٽ فارم تان پنهنجي مدد پاڻ تمام غريب ماڻهن جي گهر گهر راشن پهچائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو