پوليس پاران چوري ٿيل 6 ڍور برآمد ڪري مالڪن حوالي

غوثپور (عبدالنبي ملڪ)ڳوٺ ھيرالدين بھلڪاڻي مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان چوري ٿيل دودو بھلڪاڻي جا 6 ڍور ايس ايڇ او غوثپور گنهور مهر ۽ عثمان پنهوار ڪارروائي ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏيا. ڳجهي اطلاع تي پوليس جڏهن ڇاپو هنيو ته جوابدار گھر خالي ڪري چڪا هئا. چوپايو مال غوث پور ڀرسان ڳوٺ دڙي سندراڻي مان جاگيراڻي گينگ سان واسطو رکندڙ ڏوھاري شبير سندراڻي جي گھر مان ھٿ ڪيو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جاگيراڻي گينگ سان واسطو رکندڙ ڏوھارين رابيل ۽ ارشاد سندراڻي گڏجي مال چوري ڪري پاڻ وٽ لڪائي رکيو ھيو جيڪو ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي ھٿ ڪيو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو