پوليس پاران فنڪارن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪشمور( ن سنڌيار) ڪشمور پوليس مبينه مقابلي ۾ اغوا ٿيل پنجاب واسي ٽن فنڪارن کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪشمور جي حاجي خان ٿاڻي جي پوليس ۽ ون فائيو ضلعي انچارج ملڪ عباس جي ٽيم ڪچي ۾ ڏوهارين سان مبينا مقابلي ۾ پنجاب واسي فنڪارن ذاڪر علي ، ساجد علي، آصف علي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. ڪشمور ون فائيو پوليس ۽ جوابدارن ۾ مبينا مقابلي دوران مغوين کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيل ڪچي واري علائقي ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن. پنجاب واسي ٽنھي فنڪارن کي ڳائڻ بھاني گھرائي دوکي سان اغوا ڪيو ويو هو،

پهنجو تبصرو موڪليو