پوليس وين تي حملو 4 اهلڪار شهيد، حملو ڪندڙ فرار

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پوليس وين تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس اختيارين موجب لڪي مروت کان ڪجهه ڪلوميٽر پري علائقي ۾ پوليس وين معمول جي گشت تي هئي ته اڻڄاتل هٿياربندن ان تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار مارجي ويا. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات پوليس وين تي حملو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ يعقوب خان، انعام، مستيق ۽ ڊرائيور رحيم شهيد ٿي ويا. ضلعي پوليس آفيسر (ڊي پي او) شهزاد عمر ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هن چيو ته پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ حملي آورن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو