پوليس مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، وارثن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ٽي هفتا اڳ اغوا ٿي ويل مغوي نوجوان راشد ميراڻي کي پوليس اڃان تائين بازياب ڪرائي نه سگهي آهي، مغوي جي بازيابي لاء وارثن طرفان طالب ميراڻي، نورحسن ميراڻي، محمد نواز ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾  احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو مظاھرين  پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مغوي جي بازيابي لاء نعري بازي ڪئي وئي. مظاھرين  ٻڌايو ته گھوڙاگھٽ ڪچي واري علائقي  مان اغوا ٿيل نوجوان راشد ميراڻي کي 18 ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود پوليس بازياب  ڪرائي نه سگهي آهي جنهن ڪري مغوي جي امڙ کي بيھوشي  جا دورا پئجي رھيا آهن. مغوي جي بازيابي لاء ڌاڙيلن پاران لکين روپيا ڀنگ طلب ڪٔيو ويو آهي جنهن جو اطلاع حد جي پوليس ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي پڻ ڪيو ويو آهي. ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل نوجوان کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو