پوليس مختلف ڏوهن ۾ گهربل 14 جوابدار گرفتار ڪري ورتا

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) مختلف ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث 11 اشتھاري ڏوھارين سميت 14 ڏوھاري سڪرنڊ پوليس گرفتار ڪري ورتا. پوليس کي مليل ڳجھن اطلاعن تي ايس ايڇ او سڪرنڊ وسيم مرزا ۽ وڏي منشي عارف کوسو پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڪچي جي مختلف هنڌن تي ڇاپا ھڻي 11 اشتھاري ڏوھارين سميت 14 ڏوھارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن ۾ ياسين رند، عاشق علي چوھاڻ، انور انڙ، حسن ڪيريو ۽ ٻيا شامل آھن جن تي  341/344/34/03/45 جي قلم ھيٺ ڪيس داخل ٿيل آھن.  ايس ايڇ او سڪرنڊ وسيم مرزا ميڊيا کي ٻڌايو ته  ايس ايس پي شھيد بينظير آباد تنوي حسين تنيو جي حڪم تي ڏوھن ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آھن ان ئي سلسلي ۾ مٿيون ڪاروايون ڪيون ويون آهن. ھن اهو به چيو ته امن و امان اسان جي پھرين ترجيح آھي ڏوھاري ماڻھن خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن. اسان جي ڪوششن آهي ته حالتون اڳي کان بھتر ٿين پوليس سڪرنڊ ۽ آسپاس جي علائقـن جي امن ۽ سڪون لاءِ ھروقت تيار آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو