پوليس سينٽر شاهد حيات سان منسوب ڪرڻ خلاف احتجاج

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) پ پ شهيد ڀٽو جي سڏ تي پوليس ٽريننگ سينٽر سعيد آباد کي شاهد حيات جي نالي سان منسوب ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي ريلي  ڪڍي، مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو . پي پي شهيد ڀٽو ڪارڪنن نشاط سينماء ويجهو پنهنجي آفيس کان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي منير  بروهي، وزير کوسو، بلاول زهري، ثاقب مگسي، امجد قريشي، دائود سولنگي، مشتاق بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي ڊي آءِ جي شاهد حيات جي نالي سان سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر کي منسوب ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن جو چوڻ هو  ته شاهد حيات شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۾ جوابدار هيو جنهن جي نالي سان پوليس ٽرينگ سينٽر منسوب ڪرڻ سٺو عمل نه آهي هنن جو چوڻ هو ته سعيد آباد پوليس ٽرينگ سينٽر جو نالو شاهد حيات نه رکيو وڃي۽ پي پي شهيد ڀٽو جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي دل آزاري ٿي آهي جيڪو فورن واپس وٺي پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو