پوليس زيادتين خلاف بروهي برادري جو احتجاجي ڌرڻو

شهدادڪوٽ (ن س)  بروهي برادري جي ماڻهن چانڊيا برادري جي  بااثرن جي ناجائزين  ۽ پوليس جي عدم تعاون خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، شهر جي ٽانوري شاخ ويجهو قمبراڻي پاڙي جي رهواسين بروهي برادري جي ماڻهن بابو بروهي ، محمد خان بروهي ، حسن بروهي ، بهرام بروهي ۽ ٻين ٻڌايو ته قمبراڻي پاڻي ۾ چوڪيداري جي ڳاله تان رباني چانڊيو روز منهن ماري ڪري پوليس کان تشدد ڪرائي ٿو هنن چيو ته اسين رباني چانڊيو خلاف ٿاڻي تي دانهن کڻي وڃون ٿان پوليس ابتو اسان کي داٻا ڏئي واپس ڪري ٿي. هنن چيو ته پوليس رباني چانڊيو جي وانگاري بڻيل آهي هنن وس وارن کان رباني چانڊيو  جي ناانصافين ۽ پوليس جي ناجائزن جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو