پوليس روپوش ڏوهاري کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو

ٿرڙي محبت ( صدام حسين چانڊيو) گشت دوران ٿرڙي محبت پوليس ڪارروائي ڪندي ضلعه قمبر شهداد ڪوٽ تعلقا نصيرآباد جي ڳوٺ رسول بخش ڳن جي رهواسي مختلف ڪيسن ۾ گهربل روپوش ڏوهاري سڌير عرف مسعود ڳن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جوابدار وٽان بندوق ۽ ٻه ڪارتوس پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. ايس ايڇ او سجاد علي جمالي ميڊيان سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي دادو فرخ رضا حيدر جي حڪم تي ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري آهن ۽ ڏوهاري ڪيترو به بااثر ڇونه هجي پر  سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ شهر۾ امن بحال ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ٿرڙي محبت ٿاڻي تي پوليس نفري گهٽ هجڻ ڪري پوليس کي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر پوءِ به ٿرڙي پوليس جي ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو