پوليس خلاف زمين تي قبضو ڪرڻ جو الزام

ٺل(ن سنڌيار)ڪريم بخش کوسو جي کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جو تڪرار تيز ٿي ويو۔کاتيدار نياڻين جي زمين تي ايس ايڇ او ڪريم بخش رضا محمد کوسو ٽريڪٽر ساڻ ڪري زمين تي ويهي رهيو، ظفر ۽ ذوالفقار جي ڌر جي مبينا وانگار وهندي اسان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙو الزام باقر علي،  امينت خاتون ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي لڳايو. اٺ مهينا اڳ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مامرو ختم نه ٿي سگهيو آهي،ايس ايڇ او ڪريم بخش کوسو نياڻي امينت خاتون ۽ باقر علي جي زمين تي قبضو ڪري ويهي رهيو آهي،رات جي اونداهي ۾ ٽريڪٽر ساڻ ڪري زمين جو واهو بند ڪري ڇڏيو،عورتن مردن کي هٿيار سامهون ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،عورتون ۾ ڪيهاٽ پئجي ويو،باقر علي ۽ امينت خاتون رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي زرعي زمين تي ايس ايڇ او مخالف ڌر کان پئيسا ورتا آهن جنهن ڪري اسان جي مٿان هٿيار سڌا ڪيا آهن ۽ اسان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،ايس ايڇ او موجب کوسن جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هيو ان کي ٽارڻ لاء پهتا آهيون معاملو ٽري ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو