پوليس اهلڪار جا قاتل مقابلي بعد گرفتار، رائيفل هٿ

عادلپور(اسلم مهر) شهيد پوليس عملدار فرزان ڪلوڙ جي رائفل ۽ قاتل مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتا. زخمين جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. اي سيڪشن پوليس شگر مل سي پيڪ روڊ تي معمول جي گشت ڪري رهي هئي ته پوليس کي ڏسي شڪي ماڻهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس سندس پيڇو ڪيو ته مٿن مشڪوڪ ماڻهن فائرنگ شروع ڪري ڏني  فائرنگ مقابلي کانپوءِ پوليس ٻن ڦورن زبير ولد غلام نبي چاچڙ  ۽ وقار علي ولد مشتاق علي چاچڙ  کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو جن وٽان جي ٿري رائفل ۽ ايس ايم جي رائفل جهڙا هٿيار ۽ گوليو پڻ  هٿ ڪيون ويون ان کان علاوه  واضع رهي ته گرفتار ڏوهاري سنگين قسم جي ڏوهن جهڙوڪ اغوا ڀنگ، قتل، دهشتگردي ، ڦر، ڌاڙي، پوليس مقابلي سميت مختلف ۾ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ پڻ گهربل آهن جن جي وڌيڪ مختلف ٿاڻن تان ڏوهاري رڪارڊ جاچيو پيو وڃي، ڦورو زبير چاچڙ جي استعمال هيٺ جيڪا جي ٿري رائفل ملي آهي اها 10 جولاء 2020 تي عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪانسٽيبل فرزان علي ڪلوڙ کي شهيد ڪري کسي وئي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو