پوليس اسٽيشن تي بايو ميٽرڪ، 250 عملدار ٿاڻن تي مقرر

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) ايس ايس پي شڪارپور پوليس لائن ۽ مختلف برانچن ۾ اضافي طور ويٺل 250 عملدارن کي ٿاڻن تي مقرر ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان احمد طرفان پوليس لائن سميت ايس ايس پي آفيس جي مختلف برانچن ۾ اضافي طور ڪم ڪندڙ اڍائي سئو عملدارن کي هٽائي ضلعي جي 37 ئي ٿاڻن تي مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته ايس ايس پي پاران پوليس لائن توڙي سٽي جي ٽنهي ٿاڻن کي بائيو مئٽرڪ سسٽم ۾ آڻڻ جو افتتاح پڻ ڪيو ويو . ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان احمد چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي ڪنهن ضلعي ۾ پوليس کاتي کي بائيو مئٽرڪ سسٽم ۾ آندو آھي جنهن ذريعي ڪو به پوليس عملدار ڊيوٽي ڪرڻ کان نه ڀڄندو،هن چيو ته في الحال پوليس لائن ۽ سٽي جا ٽي ٿاڻا بائيو مئٽرڪ ڪرايا آھن باقي ٿاڻن کي به هفتي اندر هن سسٽم ۾ آندو ويندو،. هن وڌيڪ چيو ته مختلف برانچن ۾ اضافي طور ڪم ڪندڙ عملدارن کي ٿاڻن تي مقرر ڪرڻ جو مقصد عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ آھي،ان موقعي تي شيٽ ڪلارڪ عمران علي ڏھر ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو